شرح ڪافيه منظوم (قلمي)

شرح ڪافيه منظوم (قلمي)

شرح ڪافيه منظوم قلمي

شرح ڪافيه منظوم (قلمي): هي ڪتاب هارون متقيءَ جي قلمي تصنيف آهي. هي ڪتاب ’الڪافيه في النحو‘ جي شرح آهي. ‘الڪافيه في النحو’ جو مصنف جمال الدين ابو عامر عثمان بن عمر بن ابي بڪر المعروف به ابن الحاجب آهي. هي ڪتاب دراصل عربي گرامر تي مشتمل آهي ۽ سڄو منظوم آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
“وضع نهادن است معين آن،
ليڪ دراصطلاحِ وقت بيان،
در محاذات يڪ دگر اشيا،
بر نهادن بصورتي زيبا.”
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
“ثم تمام شد بعون الله تعالى اين کتاب
ڪافيه منظوم از دست فقير حقير،
پر تقصير اميدوار رحمت حضرت،
پروردگار فقير محمد حيات .......”
128 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ محمد حيات جو ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو